سومرو نيڪ محمد

سومرو نيڪ محمد

نيڪ محمد سومرو

نيڪ محمد سومرو : نيڪ محمد سومري، ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ، ميرپور ٻرڙي ۾، 4 اپريل 1961ع تي جنم ورتو. پاڻ پيشي جي لحاظ کان سرڪاري ملازم آهي. سندس تعليم ايم. اي آهي. هن پرائمري ۽ مئٽرڪ ميرپور ٻُرڙي مان پاس ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم ملازمت دوران ئي حاصل ڪئي. اڄڪلهه سنڌ حڪومت جي ناڻي کاتي ۾ سيڪشن آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سندس مستقل رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي. سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان دلي لڳاءُ رکي ٿو ۽ سندن خدمت ۾ رُڌل رهي ٿو. سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪار سانگي آيل عام ماڻهن توڙي ملازمن جي رهنمائي ڪندو رهندو آهي. سندس چوڻ آهي ته ’جائز ڪم ترت ٿيڻ کپن ۽ ناجائز ڪم نه ٿيڻ گهرجن‘. نيڪ محمد سومرو، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي موجوده ابتر حالت، خاص ڪري سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ سنڌي ماڻهن جي بي حسيءَ تي فڪرمند رهندو آهي. سندس خواهش آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجون صلاحيتون ڪم آڻي، زندگيءَ جي هر شعبي- ديني توڙي دنيويءَ ۾ ترقي ڪن، ڌرتيءَ جي وسيلن جي پاڻ مالڪي ڪن، اسڪولن، مدرسن ۽ مسجدن کي آباد ڪن. سومري صاحب کي علم ۽ ادب سان تمام گهڻو چاهه آهي. شاعري به ڪندو آهي. سنڌي ٻوليءَ بابت تاريخي حقيقتن جي غلط اشاعت تي سخت تنقيد ڪندو آهي. ايتريقدر جو سال 1985ع ۾ شايع ٿيل عام معلومات واري ڪتاب ’Who is who and what is what‘ ۾ دنيا جي وڏين ٻولين جي شاعرن واري باب ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو نالو نه ڏسي ڪتاب جي مصنف کي تنقيدي خط لکيائين، جنهن ساڳئي ڪتاب جي 1986ع واري ٻيءَ اشاعت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو نالو سنڌي ٻوليءَ جي اهم شاعر طور شامل ڪيو. اهڙيءَ طرح ماضيءَ ۾ بي. بي. سي لنڊن تان ’سنڌي سروس‘ هلائڻ لاءِ به لکپڙهه ڪندو رهيو. نيڪ محمد سومري، دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو ۽ آسان ترين ڪئلينڊر ’ايڪهين صدي ڪئلينڊر‘ تيار ڪيو آهي، جنهن جي استعمال جو طريقو، دنيا جي چئن ٻولين: سنڌي، اردو، انگريزي ۽ عربيءَ ۾ ڏنو ويو آهي، جنهن جي ذريعي اهو معلوم ڪري سگهجي ٿو ته گذريل سؤ سالن ۾ ڪنهن به تاريخ تي ڪهڙو ڏينهن هو. اهو سنڌيءَ ۾ ڇپيل هڪ منفرد ڪئلينڊر آهي، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.04.04  عيسوي

نيڪ محمد سومري، ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ، ميرپور ٻرڙي ۾، 4 اپريل 1961ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مراد علي راهمون پروفيسر
شاهه محمود قريشي
خسرو بيگ مرزا
سيد بدرالدين
ڀاڳ ڀان
روپا راڻي
ڇٻلاڻي منگهارام
ارسطو
شمشير خان اوزبڪ
ڄام توڳاچي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون